اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان حڪومت گروڌواره دربار صاحب ڪرتار پور نارووال پاڪستان جي زائرين جي سهولت لاءِ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاهدي جي 5 سالن جي اضافي مدي جي لاءِ تجديد جو اعلان ڪيو آ??ي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب معاهدي تي 24 آڪٽوبر 2019ع تي پنج سال مدي جي لاءِ صحيحون ڪيون ويون. شروعاتي مدي جي تڪميل کانپوءِ ان معاهدي جي تجديد بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي پائيدار عزم جي نشاندهي ڪري ٿي. بيان موجب اهو معاهدو ڀارت مان ايندڙ زائرين کي ويزا فري پهچ ڏي ٿو جنهن سا?? اهي گروڌواره دربار صاحب ڪرتارپور جي مقدس جڳهه جو دورو ڪري سگهندا، جتي سک مذهب جي باني بابا گرو نانڪ پنهنجا آخري ڏينهن گذاريا هئا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آ??ي ته لنگهه پنهنجي قيام کانپوءِ کان هزارين سک عبادتگذارن کي انهن جي ان مقدس جڳهه جي زيارت جي لاءِ سهولت فراهم ڪئي آهي. بيان موجب ڪرتاپور لنگهه سک برادري جي انهن جي سڀ کان وڌيڪ قابل احترام مذهبي جاين مان هڪ تائين پهچ جي پراڻي خواهش کي پورو ڪري ٿو، اهو پ??ڪستان پاران مذهبي اقليتن جي حقن جي تحفظ جي اهميت جي اعتراف جي عڪاسي ڪري ٿو.پرڏيهي آفيس بيان ۾ چيو آ??ي ته ان قدم کي عالمي برادري پاران وڏي پئماني تي ساراهيو ويو آ??ي جن ۾ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پڻ شامل آهي جنهن ان کي ”اميد جو لنگهه“ قرار ڏنو هو.
پاڪستان پاران ڪرتار پور لنگهه جي معاهدي جي 5 سالن جي اضافي مدي جي لاءِ تجديد جو اعلان
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج