اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ج?? اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿ??ي جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان هلڪي برسات ۽ جبلن تي هلڪي برفباري جو امڪان آ??ي، پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ هلڪو ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق اڄ اربع ڏينهن ملڪ ج?? اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿ??ي جڏهن ته اترئين علائقن ۾ شديد ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۽ اپر سنڌ ۾ صبح / رات جي وقت ۾ ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، پنجاب، اپر سنڌ ۽ اتر ا??ڀر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جڏهن ته جبلن تي برفباري ٿي. ملڪ ج?? ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ڪاٽو 08، گوپس، هنزه ۾ ڪاٽو 03، اسڪردو ۾ ڪاٽو 02 ۽ ڪالام ۾ ڪاٽو 01 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي، گلگت بلتستان ۾ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج