اسلام آباد -04 اپريل (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي، ته پاڪستان جي م??يشت کي لڳاتار ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته مضبوط ملڪي م??يشت ۽ ڍانچي وار سڌارن سان پ??ڪستان جي م??يشت ۾ ٻيهر اڀرڻ جي صلاحيت موجود آهي. اها ڳالهه بئنڪ طرفان جاري ڪيل ايشين ڊولپمينٽ آئوٽ لڪ اپريل 2023ع جي فليگ شپ اقتصادي رپورٽ ۾ چئي ويئي آهي. پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻڌايو آهي ته پاڪستاني م??يشت کي لڳاتار ڏکيائيون درپيش آهن ۽ گذريل سال جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ معاش?? مالياتي چئلينجن کي وڌيڪ وڌايو آهي. هن چيو ته انهن ڏکيائين باوجود مضبوط ميڪرو اڪنامڪ ۽ ڍانچي وار سڌارن سان پ??ڪستان جي م??يشت اڀري سگهي ٿي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال جي تباه ڪن ٻوڏ سبب وڌندڙ مهانگائي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۽ ناڻي جي ذخيرن جي بحران جي تناظر ۾ م??لي سال 2023ع ۾ ملڪي اقتصادي ترقي جي رفتار سست رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جار?? مالي سال ۾ ملڪ جي اقتصادي اوسر جي شرح 0.6 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال ۾ 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته م??لي سال 2023ع ۾ م??لي خسارو جي ڊي پي جي 6.9 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. عالم?? مالياتي فنڊ جو پروگرام جاري رهڻ سان خساري م گهٽتائي ايندي.
ملڪ جي مضبوط معيشت ۽ ڍانچي وار سڌارن سان پاڪستان جي معيشت ٻيهر اڀري سگهي ٿي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores