انقره، دمشق – 09 فيبروري (اي پي پي) ترڪيه ۽ شام ۾ تباهي پکيڙيندڙ زلزلي سبب فوتگين جو انگ 15 هزار کان ??ڌي و??و. ترڪيه جي انادولو ايجنسي خميس تي ڊيزاسٽر اينڊ ايمرجنسي منيجمنٽ اٿارٽي جي حوالي سان ??ڌايو ته ملڪ ۾ تباهي پکيڙيندڙ زلزلي سبب فوتگين جو انگ 12 هزار 391 تائين پهچي و??و آهي. چيني خابرو اداري جي رپورٽ ۾ شام جي صحت واري وزارت جي حوالي سان ??ڌايو ويو آهي ته شام ۾ حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1262 ماڻهو فوت ۽ 2285 زخمي ٿيا. ميڊيا رپورٽس ۾ امد??دي ڪارڪنن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته شام ۾ مخالف ڌر جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1730 ماڻهو فوت ۽ 2850 کان ??ڌيڪ زخمي ٿيا آهن. زلزلي سبب متاثر علائقن ۾ امد??دي ڪاروائيون جاري آه?? . واضح رهي صحت جي عالمي اداري خدشو ظاهر ڪيو آهي ته فوتگين جو اصل انگ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2