اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) سينيئر پاڪستاني سفارتڪار منير اڪرم يون??سي?? جي ايگزيڪيوٽو بورڊ کي ٻُڌايو آهي ته پاڪستان چئلينجز ??اوجود پوليو جي مڪمل خاتمي طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. هن پوليو ??ي خاتمي بابت بورڊ ??ي خصوصي اجلاس دوران چيو ته اسان 2026ع تائين پوليو ??ي خاتمي لاءِ مقرر وقت اندر پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهيون. ان حوالي سان تبصرو ڪندي پاڪستاني سفير نشاندهي ڪئي ته 2022ع ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ پوليو ويڪسينيشن مهم کي بُريءَ طرح متاثر ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ عالمي شراڪتدارن جي ٺوس ڪوششن سبب گذيل سال پوليو جا صرف 6 ڪيس سامهون آيا. هن ٻُڌايو ته هلندڙ سال پاڪستاني حڪومت 45 ملين ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳ ئي ان مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پاڪستاني سفير چيو ته ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون ويون. هن چيو ته ان حوالي سان پاڪستان کي پنهنجن سمورن لاڳاپيل عالمي شراڪتدارن سان فني ۽ مالي تعاون جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته 24ع ۾ پوليو پروگرامن لاءِ 205 ملين ڊالر گهربل هئا ۽ 95 ملين ڊالر جي کوٽ هئي. سفير منير اڪرم سمورن عطيو ڏيندڙ شراڪتدارن تي زور ڀريو ته هو پوليو ??ي خاتمي جي ڪوششن ۾ دل کولي حصو وجهن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ٻارن کي قطرا پيئارين. هن نمائندن کي ٻُڌايو ته اسان پوليو خلاف جنگ ۾ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون ۽ 2026ع تائين پوليو ??ي خاتمي لاءِ فوري ۽ جرئتمنداڻي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته ايگزيڪيوٽو بورڊ يون??سي?? جي سرگرمين جو جائزو وٺي ٿو ۽ انهن جي پال??سي??، ملڪي پروگرام ۽ بجيٽ ج?? منظوري ڏئي ٿو. هي بورڊ 26 ميمبرن تي ٻَڌل آهي. گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي 5 علائقائي گروپن جي نمائندگي ڪري ٿو. ان جو ڪم بيورو ذري??ي مربوط آهي، جنهن ۾ صدر ۽ چار نائب صدر شامل آهن ۽ هر هڪ آفسر 5 علائقائي گروپن مان هڪ جي نمائندگي ڪري ٿو.
پاڪستان 2026ع تائين پوليو جي خاتمي بابت اهم اڳڀرائيءَ لاءِ پُرعزم آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال