هنوئي-21 جون (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته آمريڪا ۽ سندس اتحادي ملڪ جنگ جي ??ي??ان ۾ روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ چاهين ٿا پر ائين مم??ن ناهي، جيڪڏهن اسان جي ??لڪ جو وجود خطري ۾ پئجي ??يو ته اسان سمورن دستياب ذريعن کي استعمال ڪندي پنهنجو دفاع ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين. هن پنهنجي ??يٽنام جي دوري دوران پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اولهه کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته روس کي شڪست ڏيڻ ان جي عوام جي اتحاد سبب ناممڪن آهي. هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته يوڪرين جنگ سبب اولهندي ملڪن سان روس جي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته اولهه وارا ملڪ ظاهري طور اميد ڪن ٿا ته اسان ڪنهن به وقت خوفزده ٿي وينداسين، گڏ ئي اهو به چون ٿا ته اهي مي??ان جنگ ۾ روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ چاهين ٿا. روس لاءِ ان جو مطلب روسي رياست جو خاتمو آهي. ان جو مطلب روسي رياست جي ??زار سالن جي تاريخ جو خاتمو آهي جيڪو مم??ن ناهي. روسي صدر اعتراف ڪيو ته ايٽمي هٿيارن جي استعمال بابت ڪنهن به تڪراري جي ??وري انسانيت ??اءِ سنگين نتيجا هوندا، پر هن موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن ملڪ جو وجود خطي ۾ پئجي ??يو ته روسي حڪومت سمورن دستياب ذريعن کي استعمال ڪندي پنهنجو دفاع ڪرڻ تي مجبور ٿيندي.
آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ جي خواهش پوري نه ٿيندي: روس جو صدر
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado