گڏيل قومون-04 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪالهه سيڪريٽري جنرل انتونيو??وت??يش جي مڪمل حمايت جي تصديق ڪئي آهي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن ۾ سوئٽزرلينڊ جي مستقل نمائندي ۽ آڪٽوبر لاءِ ڪائونسل ج?? صدر پاسڪل بيريسوائل چيو ته سلامتي ڪائونسل طرفان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو??وت??يش، سندس اھم ڪردار ۽ گڏيل قومن لاءِ وسيع پيماني تي پنھنجي مڪمل حمايت جو ورجاءَ ڪيو ويو. بيان ۾ گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن کي گڏيل قومن جي سربراهه سان نتيجا ڏيندڙ ۽ اثرائتا ناتا رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آھي ۽ ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ويو آھي ته سندس ڪم ۽ سندس آفيس کي نقصان پھچائڻ واري ڪنھن به قدم کان پاسو ڪيو وڃي. سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالھه تي زور وڌيڪ ڀريو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل يا گڏيل قومن سان ڳالھيون نه ڪرڻ جو ڪو به فيصلو، خاص طور تي وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ بلڪل غلط آھي. واضح رھي ته اسرائيل جي پرڏيھي وزير اسرائيل ??اٽز اربع تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو??وت??يش کي اسرائيل ۾ اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏيندي سندس ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي مڪمل حمايت جي تصديق
مضمون کا ماخذ : loteria estadual