واشنگٽن-25 آڪٽوبر (اي پي پي) خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ناسا جو اسپيس ايڪس ڪريو-8 مشن عالمي خلائي اسٽيشن کان 4 خلابازن کي کڻي زمين تي پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب انڊيور نالي جهاز ذريعي زمين تي واپس آيل خلابازن ۾ ناسا جي خلاباز مي??يو ڊومينڪ، مائيڪل بيراٽ، جينيٽ ايپس ۽ روسي خلاباز اليگزينڊر گريبينڪن شامل هئا. عالمي خلائي اسٽيشن تي پنهنجي 233 ڏينهن جي ترسڻ دوران خلابازن انساني صحت، مٽيريل سائنس ۽ زراعت سميت مختلف شعبن ۾ 200 کان وڌيڪ تجربا ڪيا جن جو مقصد مستقبل جي ڊگهي وقت جي خلائي مشنن لاءِ ضروري ڄاڻ کي اڳيان وڌائڻ ۽ زمين تي زندگ??ءَ کي فائدو پهچائڻ آهي. خاص طور تي هنن دماغي ??رگنائيزڊ ۽ ٻوٽن جي واڌ ويجهه تي مائڪرو گريوٽي جي اثرن جو مطالعو ڪيو، جنهن سان ڳالهه کي بهتر سمجهڻ ۾ مدد ملي ته جاندار خلائي حالتن مطابق ڪيئن سمائجي سگهن ٿا. سامونڊ?? طوفان ملٽن ۽ علائقي ۾ ٻين طوفانن سبب خراب موسمي حالتن سبب ابتدائ?? طور تي مشن کي واپس??ءَ ۾ دير ٿي هئي.
ناسا جو اسپيس ايڪس ڪريو-8 مشن عالمي خلائي اسٽيشن کان 4 خلابازن کي کڻي زمين تي پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ