غزه-29 نومبر (اي پي پي) غزه ۾ جن?? دوران پاورفل وڊيوز رپورٽنگ تي اي ايف پي جي ٻن صحافين بلال السباغ ۽ يوسف حسينا کي روري پيڪ ايوارڊ سان نوازيو ويو آھي. پرڏيھي رپورٽ مطابق اھو ا??وارڊ وڊيو جرنلسٽ روري پيڪ جي نالي سان لاڳاپيل آھي جيڪو 1993ع ۾ ماسڪو ۾ قتل ڪيو ويو ھو. صحافي بلال السباغ جي عمر 33 ورھيه جڏھن ته يوسف جي عمر 47 ورھيه آھي. انھن کي جنگ وارن علائقن ۾ رپورٽنگ ڪرڻ تي سيپٽمبر ۾ بيوڪس جي لواڊوس ايوارڊ سان نوازيو ويو ھو. صحافي يوسف حسينا 2014ع کان اي ايف پي لاءِ غزه ۾ ڪم ڪري رھيو آھي ۽ جنگ جي شروع کان وٺي ھيستائين کيس ڏھه ڀيرا ھجرت ڪرڻي پئي. ھو هن وقت ھڪ اھم غير جانبدار صحافي آھي جيڪو غزه ۾ اي ايف پي لاءِ وڊيو رپورٽنگ ڪري رھيو آھي. فرانس جي پريس اي??نس?? جي عالمي نيوز ڊ??ئر??ڪٽر فل چيٽ ونڊ چيو ته اي ايف پي ۾ ھر ھڪ ماڻھو کي بلال ۽ غزه ۾ سندس ساٿين جي ڪم تي فخر آھي. اھو ا??وارڊ بظاھر ناممڪن حالتن ۾ سندن بھترين صحافت لاءِ خراج تحسين ۽ اهم حصو آھي. وڊيو ۽ آڊيو جي ڊپٽي نيوز ڊ??ئر??ڪٽر گيلوم ميئر چيو ته اھو ا??عام بلال ۽ يوسف جي ھمٿ جي صلي ۾ آھي جن جي اي ايف پي لاءِ ڪيل ڪوريج سڄي دنيا جي ٽي وي اسٽيشنز کي غزه ۾ تڪرار جي حقيقت ۽ غزه ۾ شھري آبادي تي پوندڙ اثرن کي ڏيکاريو آھي.
اي ايف پي جي 2 صحافين کي غزه جنگ دوران پاورفل ڪوريج تي روري پيڪ وڊيو ايوارڊ سان نوازيو ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں