اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 2 ارب رپين جي رمضان پئڪيج، ل??هور ??هل?? بس سروس جي 2024ع تائين توسيع، ايوي ايشن پاليسي 2019ع، 10 رڪني پاڪستان گروبندڪ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ، اسلام آباد ۾ ڊگهين عمارتن تي لاڳو پابندي هٽائڻ، سياحت جي فروغ لاءِ پرڏيهين کي ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڃڻ جي لاءِ اين او سي جي شرط ختم ڪر??، پي ٽي اي ٽي بورڊ ۾ ٻن ميمبرن جي مقرري ۽ وا??د علي کي احتساب عدالت اسلام آباد جو جج مقرر ڪر?? جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم آفيس جي آڊيٽوريم ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته لاهور ??هل?? بس سروس ٻنهي ملڪن جي جدا ٿيل خاندانن کي ڳنڍڻ ۽ غريبن جو هڪ معياري سفر جو ذريعو آهي، 17 فيبروري 1999ع ۾ لاهور ??هل?? بس سروس شروع ??ي هئي ۽ هر پنجن سالن کانپوءِ ان معاهدي جي تجديد ٿيندي هئي، 17 فيبروري 2019ع تي اهو معاهدو ختم ٿي ويو هو.
وفاقي ڪابينا 2 ارب رپين جي رمضان پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي: فواد حسين
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری