جڪارتا-21 ڊسمبر (اي پي پي) اوڀر انڊونشيا جي صوبي اولهه سولاويسي ۾ مسافر ٻيڙي گم ٿي وئي آهي، ٻيڙي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 28 ماڻهو سوار هئا. اي ايف پي موجب هڪ انڊونيشيا جي اهلڪار مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته امدادي ڪارڪن ان ٻيڙي جي ڳولا ڪري رهيا هئا جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 28 مسافر سوار هئا، ٻيڙي اربع ڏينهن اوڀر انڊونيشيا جي صوبي اولهه سولاويسي ۾ ماموجو ايجنسي جي ڪناري تان گم ٿي آهي، انڊونيشي اداري ماموجو سرچ اينڊ ريسڪيو (ايس اي آر) جي سربراهه محمد رجال ٻڌايو ته شادي جي 28 مهمانن کي کڻي و??ندڙ ٻيڙي ۾ امبو جزيري جي پاڻي ۾ داخلا کانپوءِ ??اب??و ڪٽجي و??و هو. ٻيڙي مقامي و??ت موجب صبح 10 وڳي و??جهو امبو جزيري کان رواني ٿي هئي ۽ ان جي شام 4 وڳي ماموجو جي پورٽ سماري جي مقام تي پهچڻو هو. ياد رهي ته انڊونيشيا جيڪو تقر??بن 17000 جزيرن تي ٻڌل ملڪ آهي ۾ حفاظت جي ڪمزور معيارن سبب سامونڊي حادثا عام آهن.
انڊونيشيا ۾ 28 مسافرن سميت ٻيڙي گم ٿي وئي
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش