دوحه- 13 فيبروري (اي پي پي) فلسطين جي صدر محمود عباس ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني غزه جي پٽي ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن جي تازي ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. اردو نيوز مطابق دوحه ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فوري جنگ بندي جي غرض سان ٿيندڙ معاهدي ل??ءِ جاري ڪ??ششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن سان فلسطين مسئلو جو هڪ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل جي راهه هموار ٿي سگهي. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تشدد ۾ اضافي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفا لاڳاپن ۽ ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي طريقي ج?? جائزو ورتو. شيخ تميم فلسطيني جدوجهد ل??ءِ قطر جي غير متزلزل حمايت ۽ فلسطيني عوام سان ان جي صحيح قومي امنگن جي حصول جي ڪ??ششن ۾ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته قطر جي عوام غزه ۾ جاري جنگ کي روڪڻ ۽ اولهندي ڪ??اري ۾ بدامني کي گهٽ ڪرڻ جي غرض سان سفارتي ۽ ثالثي جي ڪ??ششن ل??ءِ پرعزم آهي.
فلسطيني صدر جي قطر جي امير سان ملاقات، غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria