گڏيل قومون-05 سيپٽمبر(اي پي پي)صحت واري عالمي اداري چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ دستن ۽ الٽين جي بيماري سبب فوتگين جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. ڊبليو ايڇ او طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن ??طا??ق گذريل سال ان بيماري سبب 4000 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا جيڪي 2022 ع ??ي ڀيٽ ۾ 71 سيڪڙو وڌيڪ آهن. ان کانسواءِ سڄي دنيا ۾ ان بيماري جي رپ??رٽ ٿيل ڪيسن جي انگ ۾ پڻ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. رپ??رٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنگين، ماحولياتي تبديلين، محفوظ ۽ صاف پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جي خراب سهولتن، غربت، محرومي ۽ قدرتي آفتن سبب آبادي جي لڏ پلاڻ گذريل سال ان بيماري سبب فوتگين جي انگ ۾ اضافي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. رپ??رٽ ??طا??ق وچ اوڀر ۽ ايشيا ۾ ڪالرا بيماري جي ڪيسن ۾ 32 سيڪڙو گهٽتائي ۽ آفريقا ۾ 125 سيڪڙو اضافو ٿيو. گذريل سال ڪيترن ئي ملڪن ڪالرا وبا سبب ڪميونٽي فوتگين جو اطلاع ڏنو. جتي ماڻهن کي ??حت جي سهولتن تائين مڪمل پهچ حاصل نه هئي. سڀ کان وڌيڪ 222،249 ڪيس افغانستان ۾ رپ??رٽ ٿيا. ان کان سواءِ ڪانگو، ملاوي، موزمبيق ۽ هيٽي ۾ پڻ 30، 30 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپ??رٽ ٿيا. ماهرن ??طا??ق جيتوڻيڪ ويڪسينيشن ڪالرا جي وبا کي ??وڪڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي پر پيئڻ جو صاف پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ صحت جا اصول ان کي ??تم ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ ٿيندڙ بيمارين کي ??وڪڻ لاءِ واحد ڊگهي مدي وارو ۽ پائيدار حل آهي. واضح رهي ته ڪالرا جي وبا آنڊن جو شديد انفيڪشن آهي جيڪو خراب خوراڪ ۽ خراب پاڻي سبب ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ اهو آساني سان علاج جوڳو آهي پر صفائي تائين محدود پهچ واريون آباديون ان کان وڌيڪ متاثر ٿينديون آهن.
سڄي دنيا ۾ دستن ۽ الٽين جي بيماري سبب فوتگين جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي: صحت جو عالمي ادارو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ