اوٽاوا-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سفارتي محاذ تي ڀارت کي ??ڪ وڏو جھٽڪو لڳو آهي ڪينيڊا ڀارتي ھاءِ ڪمشنر سنجي ڪمار ورما ۽ 5 سفارتي اھلڪارن کي جلاوطن ڪري ڇڏيو آھي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق خالصتان نواز سک اڳواڻ ھرديپ سنگهه نجر جي قتل ڪيس س??ب ڀارتي سفارتڪارن کي ??ينيڊا مان ملڪ بدر ڪيو ويو آھي. ان کان اڳ ڀارت پنھنجي شرمندگي کي لڪائڻ لاءِ ڪينيڊا مان پنھنجي ھاءِ ڪمشنر ۽ سفارتڪارن کي واپس گھرائڻ جو فيصلو ڪيو، انھن سفاتڪارن کي ??ينيڊا ??الصتان نواز سک اڳواڻ هرديپ سنگ نجر جي قتل جي جاچ ۾ شامل ڪيو ھو. ڀارتي پرڏيھي وزارت نئين دھلي ۾ ڪينيڊا ??حتجاج ۾ ناظم الامور کي ??ه طلب ڪري ورتو. ڀارتي پرڏيھي وزارت چيو ته ڪينيڊا ۾ موجود ڀارتي سفارتڪارن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان مودي حڪومت کي ??ينيڊا ??ي موجوده حڪومت تي اعتبار نه آھي. ڀارت جوابي قدمن جو حق رکي ٿو. واضح رھي ته ٻنھي ملڪن وچ ۾ تڪرار جي شروعات گذريل سال ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ ھرديپ سنگه نجر جي قتل بعد ٿيو ھو. ڪينيڊا ??ي وزيراعظم ھرديپ سنگ نجر جي قتل جا الزام ڀارتي حڪومت تي لڳايا ھئا. ان کانپوءِ ڀارت 41 ڪينيڊين سفارتي اختيارين کي ملڪ ڇڏڻ جو چيو ھو.
ڪينيڊا پاران ڀارت جي ھاءِ ڪمشنر سميت 5 سفارتڪار ملڪ بدر
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے