بيجنگ-31 آڪٽوبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته آمريڪا پاران تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ سنگين نتيجن جو سبب بڻجندو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي د??اع واري وزارت جي ترجمان زانگ شياگنگ هڪ بريفنگ ۾ چيو ته آمريڪا کي سم??هڻ گهرجي ته تائيوان کي هٿيارن جي فراهمي جا انتهائي سنگين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته تائيوان جو مسئلو چين جي بنيادي مفادن ۾ سڀ کان اهم آهي ۽ اهو چين- آمريڪا لاڳاپن ۾ پهرين ڳاڙهي لائين جي نمائندگي ڪري ٿو جنهن کي کيس پار نه ڪرڻ گهرجي. هن ٻيٽ لاءِ 2 بلين ڊالرن جي امڪاني هٿيارن کي وِڪري جي پيڪيج جي حوالي سان چيو ته چ??ن آمريڪا تي زور ڀري ٿو ته هو تائيوان کي هٿيارن جي فراهمي جي سنگين نتيجن کي چڱيءَ طرح سم??هي ۽ آمريڪا پنهنجي د??اعي صنعت کي تقويت ڏيڻ لاءِ تائيوان جو استحصال ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته آمريڪي بچاءَ کاتي جي د??اعي سلامتي ڪوآپريشن ايجنس?? اعلان ڪيو هو ته پرڏيهي کاتو تائيو??ن لاءِ تقريبن 2 بلين ڊالرن جي ماليت جي هٿيارن جي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ نيشنل ايڊوانسڊ سرفيس ٽو ايئر ميزائل سسٽم ۽ ريڊار سسٽم شامل هوندا.
آمريڪا پاران تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ سنگين نتيجن جو سبب بڻجندو: چين
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش