اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۽ قطر جي ??ور?? ۽ ملاقاتن کي انتهائي لاڀائتو ۽ تعميري قرار ڏيندي چيو آهي ته سعودي عرب ۽ قطر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن، پاڪستاني وفد جلد سعودي عرب ويندو، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جا عملدار هلندڙ مهيني پاڪستان جو ??ور?? ڪندا، سعودي عرب ۾ لکين هنرمند افرادي قوت جي ضرورت آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي پنهنجي سعودي عرب ۽ قطر جي ??ور?? جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. هن چيو ته آئُون تازو ئي سعودي عرب ۽ قطر جي ??ور?? تان واپس آيو آهيان، سعودي عرب ۾ مُون فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي فورم کي خطاب ڪيو جتي هن سعودي ولي عه?? محمد بن سلمان سميت اهم شخصيتن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ٻڌايو ته سعودي ولي عه?? هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي حوالي ساڻس لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي، سعودي ولي عه?? سان آجياڻي تي پڻ ملاقات ٿي، ٻئي ڏينهن هن پنهنجي ٽيم به موڪلي، سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير ۽ پاڪستان جي لاءِ رائل ڪورٽ جي خصوصي نمائندي سان پڻ ملاقاتون ٿيون جنهن ۾ سولر، مائنر ۽ منرلز، زراعت ۽ گڏيل حصيداري جي ٻين شعبن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي سعودي عملدارن جي پريس ڪانفرنس به ٿي جيڪا تمام گهڻي لاڀائتي هئي. وزيراعظم ٻڌايو ته سندس ملاقاتن ۽ ??ور?? جي نتيجي ۾ پاڪستان جو وفد تمام جلد سعودي عرب روانو ٿ??ندو. وزيراعظم ٻڌايو ته سعودي عرب کانپوءِ هن قطر جو ??ور?? پڻ ڪيو، اهو ??ور?? به سعودي عرب وانگر انتهائي لاڀائتو ۽ تعميري هو، قطر جي امير سان نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي پڻ ملاقات ٿي. قطر جي امير جي ڀيڻ پاران پاڪستان جي تاريخ جي حوالي سان هڪ بهترين نمائش جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ قطر جي امير پاڻ شرڪت ڪئي، هن اسان جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو. وزيراعظم چيو ته قطر جي امير ماضي ۾ ٽي ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي حوالي سان جيڪو واعدو ڪيو هو ان تي تيزي سان عملدرآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ۽ سندس ٽيم جلد پاڪستان جي ??ور?? تي ايندا. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۾ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ لکين هنرمندن جي ضرورت آهي، سعودي ولي عه?? پاڪستان مان هنرمند افرادي قوت موڪلڻ جو چيو آهي، اهڙي طرح قطر جي امير پاڪستان ۾ آءِ ٽي پارڪ لڳائڻ جو اشارو ڏنو آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته سعودي عرب ۽ قطر جا دورا ۽ ملاقاتون انتهائي لاڀائتيون ۽ تعميري رهيون، پاڪستان جو وفد هڪ ٻن ڏينهن ۾ سعودي عرب ويندو، آذربائيجان جي صدر 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي هئي، انهن پاران پڻ پيغام آيو اهي ته هو اسان جا منتظر آهن، جلد ان حوالي سان اجلاس گهرائيندس.
وزيراعظم پاران سعودي عرب ۽ قطر جا دورا ۽ ملاقاتُون لاڀائتيون ۽ تعميري قرار، سعودي عرب ۽ قطر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن، پاڪستاني وفد جلد سعودي عرب ويندو، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جا عملدار هلندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندا: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ