سيئول- 05 نومبر (اي پي پي) اتر ڪوريا گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ ڪيترن ئي بيليسٽڪ م??زائلن جو تجربو ڪيو آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف چيو آھي ته هنن ٻيٽ نما ڪوريا جي اوڀر ۾ ڪالھه صبح جو اٽڪل 7:30 وڳي ڪيترا ئي گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ م??زائلن جي لانچ ڪرڻ جو پتو لڳايو آھي. ڪالھه صبح جو ميزائلن اٽڪل 400 ڪلو ميٽر (248 ميل) تائين اڏام ڀري. ڏکڻ ڪوريا جي فوج چيو ته اسان جاپان ۽ آمريڪا سان معلومات جي مٽا سٽا ڪئي آھي. فوج وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي فوج اضافي لانچز جي تياري جي سلسلي ۾ پنھنجي نگراني کي مضبوط ڪيو آ??ي. ??اپان پڻ اتر ڪوريا جي تازن ميزائلن جي تجربن جي ??صد??ق ڪئي آهي. جاپان جي حڪومت جي اعليٰ ترجمان چيو آھي ته اتر ڪوريا طرفان بيليسٽڪ م??زائل بار بار فائر ڪرڻ سبب اسان جي ملڪ جو امن ۽ سلامتي خطري جو شڪار آھي. واضح رھي ته اتر ڪوريا گذريل ھفتي جديد ۽ طاقتور مضبوط ٻ??رڻ وارو بين البراعظمي بيليسٽڪ م??زائل جو تجربو ڪيو.
اتر ڪوريا پاران گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جو تجربو
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ