واشنگٽن-06 نومبر (اي پي پي) عالمي خلائي اسٽيشن تي رهندڙ خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ناسا جي خلابازن آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ ??لا مان ووٽ ڪاسٽ ڪري تاريخ لِکي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق خلائي مسافر بچ ولمور ٽينيسي ٽيڪ يونيورسٽيءَ ۾ ڳالهائيندي ??لا مان ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي تج??بي جو ذڪر ڪيو. واضح رهي ته ناسا جا چار خلاباز هن وقت زمين جي مدار ۾ موجود عالمي خلائي اسٽيشن تي رهندڙ آهن. جن چئني خلابازن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ ايبسنٽي بيلٽ جي درخواست ڪئي هئي. اهو قدم خلابازن طرفان ??لا ۾ قيام باوجود پنهنجي شهري فرضن جي ادائگيءَ سان وابستگيءَ کي اجاگر ڪري ٿو. ??لا مان ووٽنگ ناسا جي نيئر اسپيس نيٽ ورڪ ذريعي ممڪن بڻائي ويندي آهي، جيڪا خلائي اسٽيشن ۽ مشن ڪنٽرول وچ ۾ ٻي ڊيٽا جي ڏي وٺ وا??گر آءِ ايس ايس کان زمين تي بيلٽ منتقل ڪندي آهي.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک