گڏي?? قومون -04 ڊسمبر (اي پي پي) گڏي?? قومن فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل واري امڪان تي ڳالهين لاءِ جون 2025ع تي عالمي سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن جي ميزباني سعودي عرب ۽ فرانس گڏيل طور تي ڪندا. ميڊيا رپورٽن مطابق جنرل اسيمبلي ۾ 157 ووٽن جي ??ڪثريت سان منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ عالمي قانون موجب اسرائيل ۽ فلسطين جي مسئلي کي ٻه رياستي حل لاءِ پختي حمايت جو اظهار ڪيو ويو. هن ٺهراءَ تي ووٽنگ ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل حصو نه ورتو جڏهن ته 7 ٻيا ملڪ غير حاضر رهيا. جنرل اسيمبلي پاران منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي، ته ٻنهي رياستن کي 1967ع کان اڳ جي ??رحدن جي ??نياد تي تسليم ٿيل سرحدن اندر امن ۽ سلامتي سان رهڻ گهرجي. فرانس جي ??در ايمانويل ميڪرون ان اميد جو اظهار ڪيو ته سربراهي اجلاس اسرائيل جي ??يڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندو ۽ واضح ڪندو ته ٻه رياستي حل سمورين ڌرين لاءِ عمل جوڳو آهي. گڏي?? قومن ۾ فلسطين?? نمائندي رياض منصور چيو ته فلسطين جو سوال شروع کان ئي گڏي?? قومن جي ??يجنڊا تي رهيو آهي ۽ ان جي ??اک ۽ اختيار ۽ عالمي قانون تي ٻڌل آرڊر جي وجود جو سڀ کان اهم امتحان آهي. واضح رهي ته گڏي?? قومن جي ??نرل اسيمبلي هڪ ٺ??راءَ ذريعي 1947ع ۾ فلسطين کي عرب ۽ يهودي ٻن رياستن ۾ ورهايو هو.
گڏيل قومن پاران فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل واري امڪان تي ڳالهين لاءِ جون 2025ع ۾ عالمي سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد