اسلام ??باد – 16 جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي چيو آهي ته ترڪ عوام، حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪندي فوجي بغاوت کي لتاڙي ڇڏيو آهي. پاڪستان ٽيليويزن سان ڳالهائيندي هن چيو ته ترڪيءَ جي قوم آمرن کي سخت جواب ڏنو آهي ۽ جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي جمهوريت جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي جيڪو ٻين قومن جي لاءِ پڻ هڪ مثال آهي. هن چيو ته ترڪ عوام، حڪومت ۽ مخالف ڌر متح?? ٿي پوري دنيا جي ماڻهن کي اهو پيغام ڏنو آهي ته حڪومت جي استحڪام ??ي لاءِ جمهوري نظام کي سگهه ڏيڻ ضروري آهي جيڪا متح?? ٿيڻ سان ئي ممڪن آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد