اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل حڪومت کي رياست جي معاملن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. هو آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فاروق حيدر خ??ن سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ڳا??هائي رهيو هو. وزيراعظم هائوس پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ۽ وزيراعظم جو خصوصي معاون ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي پڻ موجود هئا. وزيراعظم نواز شريف راجا فاروق حيدر خ??ن کي آزاد ڪشمير ج?? نئون وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته نئين چونڊيل حڪومت آزاد ڪشمير جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ