اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي والاريل ڪشمير ۾ تازي المناڪ صورتحال تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هزارين نوجوان پنهنجي خودمختياري جي حق ل??ءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، ڀارت کي ادراڪ ڪرڻ گهرجي ته ڪشمير جو بنيادي مسئلو گولين ??ان حل نه ٿو ڪري سگهجي، اهو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سنجيده ڳالهين ذريعي سياسي حل جو گهرجائو آهي. هن اها ڳالهه ڀارتي وزيراعظم مودي جي آزادي ڏهاڙي جي تقرير جو جواب ڏيندي چئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڀارتي وزيراعظم المناڪ صورتحال تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪا گذريل 5 هفتن کان ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ درپيش آهي، والاريل ڪشمير ۾ 70 کان و??يڪ بيگناهه ڪشميري شهيد ۽ 6 هزار کان و??يڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر