ڪراچي – 06 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي ڀرپور پيداوار شروع ٿي چڪي آهي جنهن س??ن ترقي جو عمل تيز ٿيندو، ملڪ ۾ اقتصادي سرگرميون وڌي رهيون آهن، پاڪ چين اقتصادي لنگهه س??ن ترقي جو سنگ ميل ث??بت ٿيندي، ان سلسلي ۾ قوم ??ڪ ٿي وڃي ۽ ترقي جو سفر روڪيندڙن کي رد ڪري ڇڏي. اها ڳالهه صدر ممنون حسين فوجي فرٽيلائيزر جي بجلي گهر جي افتتاح جي موقعي تي چئي. اهو بجلي گهر 118 ميگاواٽ بجلي پيد?? ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ان پلانٽ کي ماحول دوست بڻائڻ جي لاءِ خاص قدم کنيا ويا آهن. افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جو گورنر محمد زبير پڻ موجود هو. صدر چيو ته توانائي بحران سبب زرعي شعبو بري طرح متاثر ٿيو ۽ ملڪ ۾ ڀاڻ جي به کوٽ ٿي پر هاڻي حالتون بهتر آهن.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار