ڪولالمپور -07 نومبر (اي پي پي) ??لا??يشيا ڄاڻايل آمريڪي قانون تحت حماس ۽ ٻين ويڙهاڪ فلسطيني گروپن جي حامين تي پابنديون کي رد ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق ??لا??يشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پارليامينٽ ۾ هڪ لکت واري جواب ۾ چيو ته سندس م??ڪ فلسطيني گروپن جي حامين تي هڪ طرفين پابندين کي تسيلم نه ڪندو. آمريڪي نمائندن واري ايوان گذريل هفتي حماس انٽرنيشنل فنانسنگ پريوينشن ايڪٽ جي منظوري ڏني هئي جنهن جو مقصد حماس ۽ ٻين فلسطيني گروپن کي ملندڙ عالمي مالي امداد کي روڪڻ هو. ان بل جي آمريڪي سيينٽ مان منظوري اڃا باقي آهي. ??لا??يشيا جي وزيراعظم چيو ته ڄاڻايل آمريڪي بل ??لا??يشيا کي تڏهن م??اثر ڪري سگهي ٿو جڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته حماس يا اسلامي جهاد کي مالي مدد فراهم ڪئي وئي هئي. هن چيو ته ??لا??يشيا خلاف ڪي به پابنديون آمريڪي حڪومت ۽ آمريڪي ڪمپنين جي تشخيص سان گڏوگڏ ??لا??يشيا ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري جا موقعا به متاثر ڪري سگهن ٿيون. واضح رهي ته ??لا??يشيا جا اسرائيل سان سفارتي ناتا قائم ناهن.
فلسطيني گروپن جي حامين تي هڪ طرفيون آمريڪي پابنديون نه مڃينداسين: ملائيشيا
مضمون کا ماخذ : راکی