مڪو شريف – 04 جنوري (اي پي پي) سعودي ع??ب جي سياحت واري وزارت جي جاچ ٽيمن مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ سياحن کي مقرر سهولتون فراهم نه ڪرڻ تي 330 هوٽلن ۽ فرنشڊ اپارٽمينٽس کي بند ڪري ڇڏيو آهي. سعودي اخبار 24 مطابق سياحت واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته جاچ ٽيمن مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ هوٽلن ۽ فرنشڊ اپارٽمنٽس ??ا 4 هزار کان وڌيڪ جاچ دورا ڪيا. جاچ ٽيمن 2 هزار کان وڌيڪ ??ڃڪ??يون رڪارڊ ڪيون. ضا??طي جي ڪاروائي ڪندي نوٽس ??اري ڪيا ويا جڏهن ته سنگين ??ڃڪ??ين تي هوٽلن کي بند ڪيو ويو. مڪه مڪرمه ۾ 280 جڏهن ته مدينه منوره ۾ 50 کان وڌيڪ هوٽلن ۽ اپارٽمنٽس کي بند ڪيو ويو. انتظاميا کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته ??ڃڪ??يون ختم ڪرڻ کانسواءِ هوٽلن کي کولي نٿو سگهجي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان