نيويارڪ -01 نومبر (اي پي پي) نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس او ايڇ سي ايڇ آر جي ڊائريڪٽر ڪريگ موخيبر اسرائيل فلسطين بحران کي مناسب طريقي سان حل ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي ناڪامي تي پ??هن??ي عهدي تان احتجاج طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. روس جي اخبار جي رپورٽ مطابق پ??هن??ي بيان ۾ هن چيو ته غزه ۾ فوري جنگ بندي گڏيل قومن جي ذميواري هئي. جيڪا ذميواري پوري ڪرڻ بجاءِ گڏيل قومن آمريڪا جي طاقت سامهون هٿيار ڦٽا ڪ??ا ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ اسرائيلي لابي جي مقابلي ۾ شڪست تسليم ڪئي جڏهن ته فلسطين ۾ آبادڪاري جو يورپ جو نئين آبادي وارو منصوبو پ??هن??ي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. ڪريگ موخيبر گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ کي لکيل هڪ خط ۾ چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر فلسطينين جي نسل ??شي اسان پ??هن??ي اکين سان ڏسي رهيا آهيون ۽ اسان جنهن عالمي اداري لاءِ ڪم ڪندا آهيون اهو ان کي روڪڻ ۾ بي بس نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته غزه ۾ جاري اسرائيل جي فوجي ڪارروائي فلسطينين جي نسل ??شي آهي. هن چيو ته اسرائيل جي فوج هٿان فلسطين جي عوام جو وڏي پئماني تي قتل عام جنهن جون پاڙون نسل پرستاڻي آبادڪاري جي نئين آبادياتي نظرئي تي ٻڌل آهن جي نسل ??شي ٿيڻ ۾ شڪ ۽ بحث جي ڪا به گنجائش ناهي. هن چيو ته آمريڪا، برطانيه ۽ يورپ جي اڪثر ملڪن جون حڪومتون غزه ۾ جاري اسرائيل جي خوفناڪ ڪارروائي کي روڪڻ ۾ نه رڳو پ??هن??ي عالمي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن پر اهي اسرائيل جي فوج کي سرگرمي سان هٿيار ڏيڻ، اسرائيل کي اقتصادي طور امداد فراهم ڪرڻ ۽ اسرائيل جي فوج کي ڳجهي معلومات فراهم ڪرڻ ۾ مصروف ??هن. ڪريگ موخيبر چيو ته اولهه جي ڪارپوريٽ ميڊيا ان سڄي عمل ۾ ڄاڻايل ملڪن جي ڀرپور معاونت ڪري رهي آهي ۽ فلسطينين جي نسل ??شي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ لڳاتار کين غير انساني سطح تائين کڻي وڃي رهي آهي، ان لاءِ نسلي يا مذهبي نفرت جي وڪالت لاءِ پروپئگنڊه ڪري رهي آهي. گڏيل قومون بار بار نسل ??شي روڪڻ ۾ ناڪام رهيون آهن ۽ روانڊا، بوسن??ا ۽ ميانمار ۾ روهينگا مسلمانن سان ٿيل سلوڪ ان جو تازو مثال ??هن. هن چيو ته هاڻي گڏيل قومن جي ڪا به ساک ناهي پر اسان جي ناڪامين جي نتيجي ۾ سڀ کان وڏو نقصان فلسطين جي عوام جو ٿيو آهي. ان صورتحال کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن کي هاڻوڪن ڏينهن ۾ سڄي دنيا جي شهرن ۾ ماڻهن طرفان ظاهر ڪيل اصولي موقف مان سکڻ گهرجي جتي انهن شهرن ۾ اتان جو عوام وڏي انگ ۾ نسل ??شي خلاف اٿي بيٺو آهي. هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي ڌوڪي کي ختم ڪري علائقي ۾ فلسطين جي واحد جمهوري ۽ سيڪيولر رياست قائم ڪرڻ جي حمايت ڪئي وڃي جيڪا اسرائيل جي نسل پرستاڻي ۽ نئين سر آبادي واري منصوبي کي پاڻ ئي مٽي ۾ ملائي ڇڏيندي.
گڏيل قومون اسرائيل فلسطين بحران کي مناسب طريقي سان حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، او ايڇ سي ايڇ آر جي سربراهه عهدي تان احتجاجن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر