گڏ??ل ق??مو??- 03 نومبر (اي پي پي) گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي ڪيوبا تي لاڳو آمريڪا جي اقتصادي ۽ واپاري پابندين خلاف قرارداد کي ??ڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو آه??. آمريڪا ڪيوبا خلاف هي پابنديون پهريون ڀيرو 1960ع ۾ لڳايون هيون، ”ڪيوبا خلاف رياست متحد آمريڪا طرفان لاڳو اقتصادي، واپاري ?? مالياتي پابندين جي خاتمي جي ضرورت“ جي عنوان سان هر سال پيش ڪ??ل قرارداد جي حق ۾ جنرل اسيمبلي جي ميمبر 187 ملڪن ووٽ ڏنا صرف آمريڪا ۽ اسرائيل ان جي خلاف ووٽ ڏنو ۽ يوڪرين راءِ شماري ?? حصو نه ورتو. راءِ شماري کان اڳ قرارداد تي مسلسل ٻن ڏينهن تائين بحث ٿيو. جنرل اسيمبلي سمورين رياستن کان ان مطالبي جو ورجاءُ ڪيو ته هو گڏ??ل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن تحت پنهنجي ذميوارين موجب پابنديون لاڳو ڪندڙ اهڙن قانونن ۽ قدمن کي ??اڳو ڪرڻ کان پاسو ڪري. ڪيوبا جي پرڏيهي وزير برونو روڊ ريگوز پاريلا چيو ته سندن ملڪ خلاف آمريڪا طرفان 60 سال اڳ لاڳو ڪيل پابنديون ڪيوبا جي سمورن حقن جي خلاف ورزي آه??. هن چيو ته ڪيوبا جي 80 سيڪڙو آبادي پنهنجي سڄي عمر سندن ملڪ تي آمريڪا طرفان لاڳو پابندين جي حالت ۾ گذاري چڪي آه??، هن وڌيڪ چيو ته سندن ملڪ خلاف آمريڪي پابنديون اقتصادي جنگ آه?? ۽ سندن مقصد ملڪ ۾ حڪومتي ۽ آئيني نظام کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش آه??. گڏ??ل قومن ۾ پيرو جي سفير لوئس يوگاريلي چيو ته اهي پابنديون گڏ??ل قومن جي چارٽر ۽ انساني حقن جي عالمي قانونن خلاف آه??.
ڪيوبا تي آمريڪي پابندين خلاف قرارداد جنرل اسيمبلي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر