اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريش?? چيو آهي ته پا??ستان امن جي بحالي، تڪرارن کان بچاءَ ۽ پائيدار ترقي وارا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻ قومي سهڪار لاءِ پُرعزم آ??ي. ??ها ڳالهه هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي امن ف??ڊ جي لاءِ اعليٰ سطحي ريپلينشمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل جي امن قائم ڪرڻ جي فنڊ ۾ 25 هزار ڊالر عطئي جو اعلان ڪند?? چيو ته اهو عزم گڏيل قومن جي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ وارين ڪوششن لاءِ اسان جي سياسي، افرادي ۽ مالي مدد جاري رکڻ واري ارادي کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته گهڻي ڀاڱي اُسرندڙ ملڪن وانگر پا??ستان ڪورونا وائرس وبا سبب سخت متاثر ٿيو آهي جنهن سبب اسان جو عوامي صحت وارو نظام دٻاءُ جو شڪار ٿيو، اسان جي معيشت متاثر ٿي ۽ مالي صلاحيتن ۾ گهٽتائي ٿي.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ