اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ومي مفاد کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عوامي ريليف جي ڏس ۾ اوگرا ۽ ناڻي واري وزارت پاران ??يٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي تجويز رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان ??وجب اوگرا عالمي منڊي ۾ پيٽروليم جي وڌندڙ قيمتن جي ڏس ۾ پهرين نومبر کان ??اڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 11.53 رپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 8.49 رپيا، گاسليٽ 6.29 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 5.72 رپيا وڌائڻ جي تجويز ڏني هئي جڏهن ته وزيراعظم تجويز ڪيل اضافي کي رد ڪندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کي وڌائڻ کان روڪي ڇڏيو. حڪومت عالمي سطح تي وڌندڙ مهانگائي جو بار عوام تي منتقل ڪرڻ بدران عوام جي ريليف کي ترجيح ڏئي رهي آهي. اوگرا پاران تجويز ڪيل تا??ي اضافي جي مد ۾ عوام تي پوندڙ بار کي حڪومت پاڻ برداشت ڪري رهي آهي.
وزيراعظم عمران خان پاران قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis