اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ناڪامين، عوامي مسئلن ۽ ڏوهن ۾ اضافي جي خلاف پي ٽي آءِ جو گهوٽڪي کان ڪراچي ”سنڌ حقوق مارچ“ عوامي امنگن جو ترجمان آهي، ساڍا 13 سالن کان پيپلزپارٽ?? سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر عوام جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي آءِ حقوق سنڌ مارچ تي پنهنجي بيان ۾ چ??و ته ايمبولينس ميسر نه هجڻ ت?? سنڌ ۾ اڄ به مريضن کي ٺيلهي تي اسپتالن ۾ آندو وڃي ٿو، ڪراچي جي عوام کي ٽينڪر مافيا، ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. هن چ??و ته هي اها سنڌ آهي جتان جا چو??ا اربين رپين جي ڪڻڪ کائي وڃن ٿا، پيپلزپارٽ?? سنڌ ۾ ايتري ڪرپشن ڪئي جو اتان جا چو??ا به دلير ٿي ايتري ڪڻڪ کائي ويا، سنڌ جي خوراڪ واري وزير جي اسيمبلي فلور ??ي بيهي اربين رپين جي ڪرپشن جي اعتراف ??ي بلاول جي خاموشي سواليه نشان آهي. هن چ??و ته سنڌ ۾ ڏوهن ۽ بدامني جو ذميوار ڪير آهي؟ حقوق سنڌ مارچ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ويندو، گهوٽڪي کان شروع ٿيندڙ سنڌ حقوق مارچ مختلف ضلعن کان ٿيندو 6 مارچ تي ڪراچي ۾ پڄاڻي تي پهچندو.
سنڌ حڪومت جي ناڪامين، عوامي مسئلن ۽ ڏوهن ۾ اضافي جي خلاف پي ٽي آءِ جو گهوٽڪي کان ڪراچي ”سنڌ حقوق مارچ“ عوامي امنگن جو ترجمان آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو