اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪ?? جماعتي حريت ڪانفرنس جي جنرل سيڪريٽري شيخ عبدالمتين چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني ڀا??تي قدمن جي خلاف آواز اٿاريندي پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام ان ڏينهن کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي، ڀا??ت 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي آبادي جي تناسب کي تيزي سان ??بد??ل ڪري رهيو آهي، ان مقص?? جي لاءِ والاريل علائقي ۾ ڀا??تي قانون به لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀا??ت هڪ منصوبابندي طريقي تي ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، مودي جي قيادت ۾ ڀا??تي انتهاپسندن خطي جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪشمير تي 75 سالن کان جاري غيرقانوني ڀا??تي قبضي ۽ ڀا??تي قابض فوج جي انتهائي ڏاڍ ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي، گڏيل قومون ڪشمير بابت پاس ڪيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. هن چيو ته ڪشميري عوام ۽ انهن جي پرعزم قيادت خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جدوجهد ۾ مصروف آهي ۽ اهي ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندا.
پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام 5 آگسٽ کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي: شيخ عبدالمتين
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو