اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٺوس ۽ فعال آءِ ٽي ماحول جوڙڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائ?? سطحن تي ??عليٰ سطح جي عزم جي ضرورت آ??ي، حڪومت ملڪ جي پوري تعليمي نظام جو جائزو وٺڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يانسي سپرول جي قيادت ۾ آءِ ٽي ڪمپني ڊيجيٽل اوشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي ويزن جو محور ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ واڌويجهه جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آ??ي، ويزن ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري مدعو ڪرڻ، سيڙپڪارن کي سهولتون ڏيڻ ۽ نوجوانن جي حوصلا افزائي شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٺوس ۽ فعال آءِ ٽي ماحول جوڙڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائ?? سطحن تي ??عليٰ سطح جي عزم جي ضرورت آ??ي، صحيح وقت تي ??حيح فيصلا ڪرڻ ۽ پاليسين ۽ فيصلن کي ٽائيم لائين جي بنياد تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نوجوانن جي حوصلا افزائي، سيڙپڪاري جي ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آ??ي، نوجوانن کي معياري آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪري پاڪستان جو آءِ ٽي روانگي واپار بهتر بڻائي سگهجي ٿو،اسان جي نوجوانن جو وڏو انگ اڳ ۾ ئي آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته بيوروڪريسي سيڙپڪاري جي مدد ڪري، پنهنجا دروازا کليل رکي، سيڙپڪارن جي آجيان ڪري. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي پوري تعليمي نظام جو جائزو وٺڻ تي ڌيان ڏئي رهي آ??ي، گريجوئيٽس کي مارڪيٽ تي ٻڌل علم، ٽيڪنيڪ ۽ هنر فراهم ڪري نظام کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تبديل ڪيو و??ند??. صدر 350 ملين ڊالر ۾ هڪ پاڪستاني آءِ ٽي ڪمپني حاصل ڪري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي ڪمپني کي ساراهيو. هن چيو ته ڊيجيٽل اوشن کي نوجوانن کي اعليٰ معيار جي تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن، ڊيجيٽل اوشن جي سي اي او يانسي سپرول صدر کي ڊيجيٽل اوشن، ترقي جي حڪمت عملي، مستقبل جي سيڙپڪاري ۽ ڪراچي ۾ ڪاروباري ڪاٿي کي ٽيڻ تي ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. وفد خاص طور تي ڌيان جي مستحق سماجي اثرن جي شعبن ۾ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پاڪستان ۾ ٺوس ۽ فعال آءِ ٽي ماحول جوڙڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي اعليٰ سطح جي عزم جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea