اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعت ۽ معيشت جي ٻين شعبن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ مهارت تي ٻڌل ۽ فني تعليم کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ ??ان وڌيڪ ٻار اسڪولن ??ان ٻاهر آهن، اهڙن ٻارن کي ملڪ جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ انهن جي فڪري ۽ جسماني واڌويجهه جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر اسلام آباد ۾ نيشنل اسڪ??ز يونيورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر زور ڏنو ته نيشنل اسڪ??ز يونيورسٽي کي مارڪيٽ جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ هنرمند ماڻهو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يونيورسٽين پاران شاگردن جي لاءِ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي روشني وڌي ته جيئن انهن کي مناسب پيشن جي چونڊ ۾ مدد ملي سگهي. هن نيشنل اسڪ??ز يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته گريجوئيٽس جي معيار ۽ مهارت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي فني تعليمي ادارن سان رابطو قائم ڪيو وڃي. نيشنل اسڪ??ز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار اجلاس کي ملڪ ۾ هنر تي ٻڌل تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار بابت ٻڌايو. نيشنل اسڪ??ز يونيورسٽي جي سينيٽ پاران وائيس چانسلر جي فيصلن جي توثيق ڪرڻ کانسواءِ سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي منٽس جي پڻ توثيق ڪئي. اجلاس ۾ مريدڪي شيخوپوره ۾ نيشنل اسڪ??ز يونيورسٽي جي سب ڪئمپس جي قيام جي پڻ منظوري ڏني وئي.
ملڪ ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج