اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسلمان امت کي درپيش موجوده چئلينجز جي ڏس ۾ اسلامي قدرن ۽ خوبين سان قوت حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسلامي ملڪ?? کي موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ اقتصادي استحڪام ۽ جديد علم حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ پنج??ن عالمي سالياني پيغام اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرم??ن علامه طاهر محمود اشرفي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز، مختلف مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن، سفارتڪارن ۽ ٻي?? شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي معصوم ماڻهن تي ڪيل ظلمن تي عالمي خاموشي حيران ڪندڙ آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن تي نسل ڪشيءَ جو خطرو ڦيرا ڏئي رهيو آهي ڇو ته ان جي مذهبي سڃاڻپ ۽ آزادي سان گڏوگڏ مسجد?? کي مسمار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته يقينن هي مسلمان امت جي ل??ءِ مشڪل وقت آهي پر هو پراميد آهي ته گڏيل ڪوششن، تعاون ۽ اتحاد ذريعي انهن سمورن چئلينجز تي ضابطو آڻي وٺنداسين. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته انساني تاريخ مان اها ڳالهه واضح آهي ته نسل انساني وڏي پئماني تي قتلام جو مشاهدو ڪيو ۽ بني نوعه انسان پنهنجي جهڳڙن جي تلخ تجربن مان سبق ناهي سکيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قرآن پاڪ جي تعليم فطرت جي ل??اظ کان ابدي آهي جيڪا انسا?? کي رهنمائي فراهم ڪري ٿي، هن ايندڙ نسل?? کي اسلامي قدرن جي تعليم ڏيڻ تي زور ڏنو جنهن ۾ معافي جو اعليٰ معيار به شامل آهي. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ ان خوبي جو مجسم نمونو هو جنهن پنهنجي سمورن اذيت ڏيندڙ?? کي معاف ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته اسلام امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ڏي ٿو اسا?? کي حضور اڪرم ﷺ جي تعليم تي عمل پيرا ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ جي سموري سياسي قيادت پنهنجي تلخي?? کي پاسي تي رکندي جرئتمندي جو مظاهرو ڪري ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ اڳتي اچي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ هو پر هاڻي ٻيا ملڪ ان راهه تي گامزن آهن، اسا?? کي سنجيدگي سان ماضي تي نظر وجهڻ جي ضرورت آهي. صدر ايران سان لاڳاپا بحال ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. ان کان اڳ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن، تاريخي ۽ پراڻن لاڳاپن جي اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي ويجهي ۽ دوستاڻن لاڳاپن جون پاڙون گهري ۽ گڏيل مفادن ۾ ٻڌل آهن. سعودي سفير چيو ته ٻئي ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ پنهنجي گڏيل تعاو?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته سعودي عرب مختلف ترقياتي قدمن جي ذريعي پاڪستاني عوام جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته سعودي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي عوام پاڪستا?? کي تمام گهڻي عزت ڏي ٿي. پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير احمد ربيع پاڪستاني عوام، حڪومت ۽ سياسي قيادت پاران فلسطيني ڪاز سان يڪجهتي جي اظهار ۽ حمايت تي فلسطيني عوام پاران ٿورا مڃيا. هن رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ قابض اسرائيلي فوج پاران فلسطينين تي ظلمن ۾ اضافي جو پڻ ذڪر ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر مشاهد حسين سيد، حافظ طاهر محمود اشرفي ۽ ٻين مقررين پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته اسلام ۾ فرقيواريت، دهشتگردي ۽ شدت پسندي جي ڪا گنجائش نه آهي، عالم سڳور?? کي عوام ۾ شعور ۽ آگاهي جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي آئين سمورين اقليت?? کي برابر جو حق ڏنو آهي جڏهن ته حڪومتي قدمن ۽ ڪوششن سان بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ حاصل ٿيو آهي. هن چيو ته پيغام اسلام ڪانفرنس سان پاڪستان جي ڀائر اسلامي ملڪن سان لاڳاپن ۾ بهتري ۽ استحڪام جي ل??ءِ اهم ڪردار ادا ڪندي. ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو مقصد انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواراڻي تشدد جي خاتمي کانسواءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ بين المذاهب رواداري سان گڏوگڏ عالم اسلام جي مظلوم مسلمانن جي تائيد ۽ حمايت ۽ موجوده دور جي مسئلن جي حل تي غور ڪرڻ هو.
اسلامي ملڪن کي موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اقتصادي استحڪام ۽ جديد علم حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے