اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، 15 مهينا اڳ جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ اندر معاشي بدحالي هئي، نواز شريف دور ۾ آءِ ايم ا??ف پروگرام م??مل ٿي چڪو هو، جڏهن ته اڳوڻي حڪومت معيشت کي ايترو تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ان کي واپس آءِ ايم ا??ف وٽ وڃڻو پيو ۽ پوءِ انهن پنهنجي ??ي صحيحي سان آءِ ايم ا??ف پروگرام جي ??لاف ورزي ڪئي ۽ ان کي معطل ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي ڪوششن سان آءِ ايم ا??ف پروگرام بحال ٿيو، ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي. پاڪستان قديم تهذيبن جو هنڌ آهي، جنهن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اسڪرين ٽوئرزم جي ??رورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينٽرل بورڊ آف فلم سينسرز ۾ سينسر سينيما هال جي ??فتتاحي تقريب ۾ شرڪت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان ۽ وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته سموري دنيا ۾ فلم سينسر جو لفظ استعمال ناهي ٿيندو، جڏهن ته فلم سرٽيفڪيشن جو نالو ورتو ويندو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 1970ع کان پوءِ فلم ا??ڊسٽري تي ڪافي بهتان لڳا جنهن جا اثر اڄ تائين جاري آهن، انهن اثرن کي ختم ۽ پاڪستان جي ??ڃاڻپ کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ اسڪرين ٽوئرزم تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهڙا ادارا موجود هئڻ گهرجن جيڪي سياحتي موضوعن تي دستاويزي فلمون ٺاهيندڙن کي سهولتون ڏئي سگهن. ان مقصد لاءِ اسان پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪم شروع ڪيو آهي، هن چيو ته نواز شريف پنهنجي ??ور ۾ پاڪستان ڪلچر پاليسيءَ جي ??روعات ڪئي هئي، جنهن تي عمل پيرا ٿيڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته فلم ا??ڊسٽري کي سبسڊي ڏني پئي وڃي، اسان جي ??قافت ۽ قومي ورثو انتهائي اهميت رکي ٿو. هن فلم سينسر بورڊ ۾ سينسر سينيما جي ??فتتاح تي سڌ سماءَ واري وزارت جي ??موري ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اسان کي فلم سينسر لاءِ پرائيويٽ سينيما جون خدمتون وٺڻيون پونديون هيون، هاڻي اها سهولت فلم سينسر بورڊ م دستياب هوندي. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي ??مارتن جي ??حاطن ۾ سينيما گهر قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام کي سستيون تفريحي سهولتون ملي سگهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت دوست ملڪن کي ناراض ڪيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف اقتدار م اچي دوست ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن کي بهتر بڻايو. هن چيو ته ٻوڏ دوران به بحالي جون سرگرميون شروع ڪيون، معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو جيڪو سيڙپڪاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي ??روعات ڪئي وئي آهي ته جيئن انهن کي باوقار طريقي سان صحت جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هي اهو قدم آهي جنهن جي ??ڄ تائين ڪنهن به ذميواري نه کنئي ۽ معاشري جو اهو حصو جنهن کي ڪنهن به ترجيح نه بڻايو، صحافين کي هاڻي اها سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سڌ سماءَ واري سيڪريٽري ۽ ايم ڊي پي ٽي وي سهيل علي خان جي قيادت ۾ ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي کي انسٽيٽيوشنلائيز ڪيو، ريڊيو ۾ جديد ٽيڪنالاجي لڳائي پئي وڃي جنهن سان سڄي دنيا ۾ هن جي نشريات ٻڌي سگهبي. هن چيو ته اسان ريڊيو پاڪستان جي ملازمن لاءِ هڪ بزنس پلان ڏنو ته جيئن ان جا مالي معاملا بهتر ٿين. ريڊيو جو 4 ارب رپين جو ريڊيو منڊ??ل ٽيڪنالاجي ??ريعي پراجيڪٽ جي ??روعات ڪئي آهي جنهن سان 52 ملڪن ۾ ريڊيو ٻڌي سگهبو ۽ اها ٽيڪنالاجي ??ڄي دنيا ۾ استعمال ٿي رهي آهي. مريم ا??رنگزيب چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت منهنجي ??ميوارين ۾ شامل آهي، ان جي ??دارن کي اسان مستحڪم ڪنداسين.
پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، پاڪستان قديم تهذيبن جو هنڌ آهي، جنهن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اسڪرين ٽوئرزم جي ضرورت آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج