اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ?? گڏيل مذهب، تاريخي رشتن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ترڪ سامونڊي فوج جي ڪمانڊر ارجمند تاتيل اوگلو ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جو سفير پڻ شريڪ هئا. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪيه جو گڏيل فائدي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ?? گڏيل مذهب، تاريخي رشتن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. صدر سامونڊي ۽ دفاعي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽس مان پهرين جي لانچنگ تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ آگسٽ 2021ع ۾ ترڪيه جي دوري جو پڻ ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي مشقن ۾ ٻنهي ??ائ?? ملڪن جي سامونڊي فوجن جي باقاعده شرڪت کي ساراهيندي چيو ته ٻطرفو ويجهو سامونڊي تعاون پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت ۾ اقليتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين، ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. صدر ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي اصولي موقف تي ترڪيه جي حمايت کي پڻ ساراهيو. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ترڪ نيول ڪمانڊر ارجمند تاتيل اوگلو چيو ته مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ وڌندو. هن چيو ته هي دورو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفا دفاعي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ سامونڊي فوج جي ڪمانڊر کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ميري ٽائيم ۽ سامونڊي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان پڻ نوازيو.
پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل مذهب، تاريخي رشتن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر