اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پاڪستان جي خلاف ڀارتي ??يادت جي جارحاڻي بيان بازي کي علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏيندي عالمي برادري کان ان جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪي?? آهي، ڀارتي سياستدان چونڊ مقصدن جي لاءِ پنهنجي ملڪي سياست ۾ پاڪستان کي گهيلڻ بند ڪن ۽ حساس اس??ري??جڪ معاملن تي ذميواري جو مظاهرو ڪن. ڀارتي ??زيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ ڪابينا جي ٻين ميمبرن پاران تازو ئي پاڪستان بابت بيانن جي سلسلي ۾ ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ڀارتي ??وڪ سڀا جي چونڊ مهم دوران مختلف اڳواڻن پاران پاڪستان مخالف بيان بازي ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي، اسان انهن غيرذميواراڻي بيانن کي رد ڪريون ٿا، جيڪي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن، ٻطرفن لاڳاپن جي حالت ۽ ائٽمي صلاحيتن سميت ڪيترن ئي ٻين معاملن بابت آهن. ترجمان چيو ته افسوس سان اهڙي طرح قسم جا پاڪستان مخالف بيان اتي چونڊ مقصدن جي لاءِ هائپر نيشنلزم جو فائدو کڻڻ ۽ وڌندڙ ملڪي ۽ عالمي تنقيد تان ڌيان هٽائڻ جي هڪ مايوس ڪندڙ ڪوشش جي عڪاسي ڪن ٿا، ڀارتي ??يڊرن جو طرزعمل هڪ غيرسنجيده ۽ انتهاپسند ذهنيت کي بي نقاب ڪري ٿو، ان زهنيت سان ڀارت جي تذويراتي صلاحيت جي حوالي سان ان جي ذميواري تي سواليه نشان اٿاري ٿي، ٻئي طرف پاڪستان جي اس??ري??جڪ صلاحيت جو مقصد پنهنجي خودمختياري جو تحفظ ۽ پنهنجي علائقائي سالميت جو دفاع ڪرڻ آهي. پاڪستان ماضي ۾ به پنهنجي دفاع جي عزم جو واضح طور تي ??ظاهرو ڪي?? آهي ۽ جيڪڏهن ڀارت پاران ڪنهن به قسم جي حرڪت ڪئي وئي ته مستقبل ۾ به ائين ڪرڻ سان پاسو نه ڪي?? ويندو. ترجمان چيو ته رڳو ڪجهه مهينا اڳ اسان پاڪستاني سرزمين تي ڀارت جي عدالت کان مٿانهين ۽ عالمي قتل جي مهم جي تفصيلن کي بي نقاب ڪي?? آهي، پاڪستان جي اندر جارحاڻي ڪاررواين جي لاءِ پنهنجي تياري تي ڀارت جو مسلسل زور جرم جو اعتراف آهي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير بابت اشتعال انگيز بيان بازي جي حوالي سان اسان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته تاريخي حقيقتون، قانوني اصول، اخلاقي خدشا ۽ زميني حقيقتون ڀارت جي بي بنياد دعوائن جي ترديد ڪن ٿا، ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي سطح تي ??ڃيل تڪراري علائقو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون لاڳاپيل قراردادون واضح طور تي ان جي حتمي حل لاءِ گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ راءِ شماري جو پابند بڻائين ٿيون. ڪي به ڀارتي بيان ان حقيقت کي نه ٿا بدلائي سگهن، تنهن ڪري ڀارت کي گهرجي ته هو انهن قراردادن کي عملي جامعو پارائڻ تي ڌيان ڏي. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان ڀارتي سياستدانن تي زور ڀريون ٿا ته اهي چونڊ مقصدن جي لاءِ پنهنجي ملڪي سياست ۾ پاڪستان کي گهيلڻ بند ڪن ۽ حساس اس??ري??جڪ معاملن تي ذميواري جو مظاهرو ڪن، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڀارتي ??يادت جي جارحاڻي بيان بازي جو نوٽيس وٺي جيڪو علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو آهي. ترجمان چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن کي ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن حل طلب تڪرارن جي پرامن حل ۽ ٽڪراءُ کان تعاون طرف منتقلي جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
پرڏيهي آفيس پاران پاڪستان خلاف ڀارتي قيادت جي جارحاڻي بيان بازي علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو قرار
مضمون کا ماخذ : bolão quina