راولپنڊي- 14 آگسٽ (اي پي پي)پاڪ فوج جي سر??راهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ڪوڙين خبرن ۽ پروپيگنڊا ذريعي پاڪستاني عوام ۽ فوج وچ ۾ تعلق کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن جڏهن ته انهن ڪوششن کي ناڪام بڻايو پيو وڃي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف سيد عاصم منير يوم آزادي جي حو??لي سان پاڪستان آرمي جي اڳوڻن فوجين جي اعزاز ۾ پروقار تقريب جي آجيان ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ريٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ جوانن شرڪت ڪئي. آرمي چيف ان موقعي تي اڳوڻن فوجي اهلڪارن جي خدمتن تي کين تحسين پيش ڪيو. هن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اتحاد ۽ استقامت جي اهميت ??ي زور ڀريو ۽ اڳوڻن فوجين کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشح??لي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي. اڳوڻن فوجين پاڪ آرمي جي ق??ادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي اندروني ۽ پرڏيهي سيڪيورٽي چيلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جي حمايت جو عهد ڪيو. اها تقريب پاڪ فوج ۽ ان جي اڳوڻن فوجين وچ ۾ گهري رشتي جي عڪاسي هئي.
ڪوڙين خبرن ۽ پروپيگنڊا ذريعي پاڪستاني عوام ۽ فوج وچ ۾ ناتن کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن: آرمي چيف
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea