رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي و??ير محسن نقوي ڪچي جي علائقي ۾ آپريشنل فورس جي حوالي سان حفاظتي قدمن جي ضرروت تي زور ڀريندي فورس کي جديد هٿيارن ۽ سيفٽي اوزارن سان ليس ??رڻ ۽ آئنده لاءِ ??هڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ??مورن ضروري قدمن ۽ ڪچي جي شرپسندن خلاف موثر ۽ جامع آپريشن جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو و??ير جي صدارت هيٺ رحيم يار خان ايئرپورٽ تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گهرو و??ير کي ڪچي جي علائقي ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي باري ۾ پنجاب پوليس، پنجاب رينجرز ۽ سنڌ پوليس طرفان بريفنگ ڏني وئي. گهرو و??ير ڪچي جي علائقي ۾ آپريشنل فورس جي حوالي سان حفاظتي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. هن آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فورس کي جديد هٿيارن ۽ سيفٽي اوزارن سان ليس ??رڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته انتهائي افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي ۽ اسان جي 12 بهادر جوانن شهادت ماڻي آهي، گهرو و??ير آئنده اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ??مورن ضروري قدمن جي هدايت ڪئي ۽ ڪچي جي شرپسندن خلاف موثر آپريشن جو حڪم ڏنو. محسن نقوي چيو ته شرپسندن سان لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو، حملي آورن ??ان بدلو وٺڻ لاءِ ??خري حد تائين وينداسين، پنهنجي بهادرن جي رت جو بدلو وٺڻ تائين سک سان نه ويهنداسين. اجلاس ۾ آءِ ??ي پوليس پنجاب، ڊي جي رينجرز پنجاب، سي ٽي ڊي پنجاب، پنجاب ۽ سنڌ پوليس جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ رحيم يار خان ايئرپورٽ تي اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر