نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عالمي بئ??ڪ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن موجب پاڪستان جي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ورلڊ بئ??ڪ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات دوران وزيراعظم عالمي بئ??ڪ پارا?? پاڪستان حڪومت سان اقتصادي سڌارن، غربت ۾ گهٽتائ?? ۽ ??نيادي ڍانچي جي ترقي سميت پاڪستان جي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون ک?? ساراهيو. وزيراعظم عالمي بئ??ڪ جي صدر کي حڪومت جي پاليسي، انتظام?? ۽ ??نظيمي سڌارن جي حوال?? سان کنيل قدمن بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته حڪومت توانائي، ماليات ۽ اوڳاڙين ج?? شعبن ۾ سڌارا آندا آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت معاشي سڌارن جي تڪميل جي لاءِ عالمي بئ??ڪ پاران تعاون جي آجيان ڪندو. ه?? پاڻي نظام، توانائ?? ۽ ??نساني ترقي سميت پاڪستان جي ترقياتي منصوبن جي لاءِ جديد مالياتي حل ڳولڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم ۽ عالمي بئ??ڪ جي صدر ويزن 2025ع ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن موجب پاڪستان جي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم سان ورلڊ بئنڪ جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا