اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ??طر جي امير شيخ تميم بن ??مد الثاني جي دعوت تي 30 کان 31 آڪٽوبر تائين قطر جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم دوحه ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن ??مد الثاني، وزيراعظم/ پرڏيهي معاملن واري وزير محمد بن ??بدالرحمان بن ??اسم الثاني سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون ۽ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولينديون. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي ۽ قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جي قائداڻي سطح جا وفد وزيرا??ظم سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي لاءِ ملاقات ڪندا. وزيرا??ظم 31 آڪٽوبر تي ثقافتي نمائش ”منظر: آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر پاڪستان 1940ع کان هيستائين“ جو افتتاح پڻ ڪندو. اها نمائش پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ۽ تعميري ورثي جي نمائش ڪندي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ عوام سان عوام جي گهري رابطن کي اجاگر ڪندي.
وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 30 کان 31 آڪٽوبر تائين قطر جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ