اسلام آ??اد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اين ڊي ايم آر ايف جي شراڪتداري پاڪستان کي ڪهڙي به طرح جي چئلينجز کي مُ??هن ڏيڻ ۾ مدد ڪندي، 2022ع جي فلڊ ريسپانس ڪميٽيءَ جي سربراهي ڪرڻ کانپوءِ اسان جي اندر موسمياتي تبديلين کي مُ??هن ڏيڻ جي صلاحيت آهي، قدرتي آفتن جي اڳيان بند نٿا ٻَڌي سگهون پر ا??هن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ درجي تي رکي سگهجي ٿو. پاڪستان ڪاربن جي عالمي نيڪال ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وِجهي رهيو آهي، اڄ دنيا پاڪستان کي سيڙپڪاريءَ لاءِ محفوظ ملڪ طور ڏسي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏي??هن نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اين ڊي ايم آر ايف جي شراڪتداري پاڪستان کي ڪهڙي به طرح جي چئلينجز کي مُ??هن ڏيڻ ۾ مدد ڪندي. پاڪستان ا??هن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديليءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. پاڪستان ڪاربن جي عالمي نيڪال ۾ صرف هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وِجهي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪجهه تر??ي يافته ملڪن جي غير محتاط رويي جو نشانو بڻيل آهي، ٻه سال اڳ پاڪستان بدترين ٻوڏ کي مُ??هن ڏنو ج??هن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر جي نقصان جي صورت ۾ ٿيو. 2022ع ۾ عالمي ادارن ۽ ملڪن طرفان ٻوڏ سٽيلن جي بحاليءَ لاءِ ڏنل رقم جو مجموعي طور تي 5 کان 7 سيڪڙو گرانٽس جڏهن ته باقي رقم قرض جي مد ۾ ڏني وئي، جيڪو پئسو امدادي قرض جي صورت ۾ مليو اهو پاڪستان کي واپس به ڪرڻو آهي. احسن اقبال چيو ته 2022ع جي فلڊ ريسپانس ڪميٽي جي سربراهي ڪرڻ کانپوءِ مان انتهائي ذميواريءَ سان چوان ٿو ته اسان جي اندر موسمياتي تبديلين کي مُ??هن ڏيڻ جي صلاحيت موجود آهي. 2022ع ۾ عالمي ماهرن طرفان چيو ويو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي وبائي مرض اُڀرندا، صوبائي حڪومتن ۽ عالمي ادارن جي مدد سان اثرائتي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ پاڪستان وڏي تباهيءَ کان بچي ويو. هن چيو ته 2010ع جي ٻوڏ ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا. 2022ع جي ٻوڏ 3 ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ هئي، ت??هن هوندي به هڪ هزار فوتگيون ٿيون، جيڪڏهن اسان اثرائتي حڪمت عملي اختيار نه ڪريون ها ته 6 هزار ماڻهو فوت ٿي سگهن پيا. هن چيو ته قدرتي آفتن اڳيان بند نٿا ٻَڌي سگهون پر ان جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ درجي تي رکي سگهجي ٿو. 77 سالن کان اسان هڪ دائري ۾ ڦري رهيا آهيون، جڏهن اسان 60 جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ حبيب بئنڪ بلڊنگ بڻائي ته ڏکڻ ايشيا ۾ واويلا مچي وئي، اڄ هڪ سوال هر پاڪستانيءَ جي دل ۾ آهي ته اسان ڇو ٻين ڏکڻ ايشيائي ملڪن کان پوئتي آهيون، جيڪي ملڪ چار شيون امن، استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ مسلسل سڌارا اختيار ڪندا آهن اهي ئي تر??يءَ جي ڊوڙ جي اهل هوندا آهن. هن چيو ته اپريل 2022ع تائين حڪمران پارٽيءَ هر اليڪشن هارائي هئي، هر ايم اين اي اسان جي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ وٺڻ چاهي پيو، 4 مهينن جي اليڪشن مهم هلايون ها ته ملڪ ڊفالٽ ڪري وڃي ها. هن چيو ته اڄ دنيا پاڪستان کي سيڙپڪاريءَ لاءِ محفوظ ملڪ طور ڏسي رهي آهي، هوائن جو رُخ بدلجي رهيو آهي، ا??هن هوائن جو فائدو وٺي اسان پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃي سگهون ٿا.
اين ڊي ايم آر ايف جي شراڪتداري پاڪستان کي هر طرح جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد ڪندي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز