اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾”ڪيس ڪيڊ“ پوليس خدمت مرڪز جو دورو ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سفارتڪارن ۽ پرڏيهي شهرين لاءِ جديد سهولتن سان ليس خدمت مرڪز جي قيام جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم پوليس خدمت مرڪز جي قيام لاءِ گهرو وزير محسن نقوي جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سفارتي برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسا?? جي ترجيح آهي. اسلام آباد ۾ عالمي معيار موجب ۽ حاضر دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ڪيس ڪيڊ خدمت مرڪز جو قيام واکاڻ جوڳو آهي. خدمت مرڪز ۾ سفارتي برادري ۽ پرڏيهي شهرين کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ?? تجديد ڪرڻ، ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ، جنرل پوليس ويريفڪيشن، گمشدگي رپورٽ، مسواڙي?? جي رجسٽريشن، فارنرز رجسٽريشن، گهريلو ملازم?? جي رجسٽريشن، والنٽيئرز رجسٽريشن، گاڏي?? جي ويريفڪيشن ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي حاصل ڪرڻ جهڙيون خدمتون مهيا ڪيون وينديون. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي به ساڻس گڏ هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ”ڪيس ڪيڊ“ پوليس خدمت مرڪز جو دورو
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری