اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ”اُڏار پاڪستان“ کي قومي ترقي ج?? هڪ ٺوس ۽ متوازن پروگرام قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي قيادت ۾ مقرر ڪيل هدف پورا ٿيندا، پاڪستان بي پناهه وسيلن سان مالامال باصلاحيت ملڪ آهي، متحد ٿي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن پاڪستان عالمي معيشتن جي صف ۾ بيهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اقتصادي پلان ”اُڏار پاڪستان“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم محمد شهباز شر??ف هو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ??ري ايز جو پروگرام ڏنو ۽ ملڪ کي اونداهين مان ڪڍيو، 2022ع ۾ شهباز شر??ف جي قيادت ۾ پي ڊي ايم جي حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو ۽ هاڻي قومي اقتصادي پلان ”اُڏار پاڪستان“ تي پڻ وزيراعظم جي قيادت ۾ ڪاميابيون ملنديون ۽ ملڪ عالمي معيشتن جي صف ۾ بيهندو. هن چيو ته هڪ ٺوس ۽ متوازن ايڪشن پلان ناڻ?? واري وزير محمد اورنگزيب ۽ ان کانپوءِ تفصيلي وضاحت سان منصوبابند?? واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پيش ڪيو آهي. هن چيو ته ”اُڏار پاڪستان“ 5 سالن واري قومي اقتصادي پلان تي عملدرآمد جو منصوبو آهي ج??هن کي صوبن ۽ وفاقي حڪومت وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي سربراهي ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ منظور ڪيو آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار 18 – 2013ع ۽ 22 – 2018ع جي دورن جو ذڪر ڪندي چيو ته 2013ع ۾ جنهن ملڪ کي عالمي سطح تي ميڪرو اڪنامڪ بنياد تي غيرمستحڪم ڪيو پئي ويو ۽ اها اڳڪٿي هئي ته پاڪستان 6 کان 7 مهينن ۾ ڪنگال ٿي ويندو پر اهي اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون ۽ پنهنجي صلاحيتن سان ملڪ اڳتي وڌيو. هن چيو ته اڄ ٻيهر مسلم ليگ (ن) کي عوام موقعو ڏنو آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي قيادت ۾ اسان فائيو ايز پروگرام پيش ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ??ري ايز انرجي بحران، اڪانومي بدحالي ۽ ايڪسٽريم ازم جهڙن بحرانن کي منهن ڏنو ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شر??ف جي قيادت ۾ ڪاميابي سان سرخرُو ٿياسين، ان وقت به اڳڪٿي هئي ته 10 کان 12 سال پاڪستان ان صورتحال مان نه نڪرندو پر الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ٽنهي ايز جا هدف مڪمل ڪيا ۽ عوام کي ڊيليور ڪيو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته معيشت جا سمورا اشارا سرپلس تي آهن، اڄ اسان 6 سيڪڙو جو ٻيهر هدف وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي قيادت ۾ مقرر ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جي ناڻ?? واڌ جي شرح 4 سيڪڙو تي، فوڊ انفليشن 2 سيڪڙو ۽ دنيا جي پنجين بهترين ۽ ڏکڻ ايشيا جي بهترين اسٽاڪ مارڪيٽ آهي، فارن ايڪسچينج جا ذخيرا بلند سطح تي آهن ۽ ملڪ مستحڪم معيشت سان اڳتي وڌي رهيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته 2017ع ج?? واڌاري ج?? تسلسل برقرار نه رکيو ويو جنهن ۾ اسان کي 2030ع ۾ جي 20 ڪلب ۾ شامل ٿيڻو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان ايندڙ 4 سالن ۾ اسان جي معيشت 47هين گلوبل معيشت بڻجي وئي ۽ پي ڊي ايم جي حڪومت جڏهن ذميواري سنڀالي ته ان وقت سڀ کان وڏو معاشي بحران درپيش هو ۽ چيو پئي ويو ته ملڪ ڏيوالپڻو ٿي ويندو پر وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي قيادت ۾ پي ڊي ايم حڪومت ان چئلينج جو مقابلو ڪيو ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو. هن چيو ته پاڪستان وٽ وسيلن جي کوٽ نه آهي پر سياسي استحڪام جي ذريعي معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته پاڪستان کي ج??ڪڏهن اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته اسان کي سياسي استحڪام آڻڻو پوندو. هن چيو ته منهنجو ايمان آهي ته پاڪستان اهي هدف به حاصل ڪندو جيڪي وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي قيادت ۾ مقرر ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 17 – 2013ع ۾ آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ڪيو، جيڪڏهن تسلسل برقرار رکيو وڃي ها ته آءِ ايم ايف جي خيرباد چئي چڪا هجون ها. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي قيادت ۾ جيڪو هي سفر شر??ع ٿيو آهي اهو مڪمل ٿيندو ۽ پاڪستان کي تمام جلد اسان انهن قومن جي صف ۾ ڏسنداسين جتي ان کي هجڻ گهرجي. هن چيو ته ”اُڏار پاڪستان“ جو 5 سالن جو قومي اقتصادي پلان حاصل ڪنداسين.
اُڏار پاڪستان قومي ترقي جو هڪ ٺوس ۽ متوازن پروگرام آهي، وزيراعظم جي قيادت ۾ مقرر ڪيل هدف پورا ٿيندا: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج