اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نيشنل پولي?? اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن جو اعلان ڪندي عالمي معيار موجب هڪ نئون ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي آهي. گهرو وزير نيشنل پولي?? اڪيڊمي جو تفصيلي دؤرو ڪيو. هن اڪيڊمي، هاسٽل ۽ ميس جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ تربيت هيٺ آفيسرن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. ان دوران تربيت هيٺ آفيسرن سان ملاقات ڪ??ي ۽ سندن سهولتن جي حوالي سان پُڇا ڪئي. گهرو وزير ان حوالي سان هڪ عالمي معيار جي ڪنسلٽنٽ جي خدمت حاصل ڪرڻ تي به زور ڀريو. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته نيشنل پوليس فائونڊيشن طرفان 25 ڪروڙ رپيا جلد اڪيڊمي جي حوال?? ڪيا ويندا ته جيئن مالي طور تي خودمختار ادارو بڻائي سگهجي. هن اها به هدايت ڪ??ي ته نيشنل پولي?? اڪيڊمي جي نئين سر جوڙجڪ جو ڪم 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. دؤري دوران محسن نقوي اڪيڊمي کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪ??ي. هن چيو ته اي ايس پيز جي ڪورسز کي جديد دؤر جي گهرجن مطابق بڻايو ويندو ۽ دهشتگردي، اينٽي روئٽس ۽ سائبر ڪرائيم سميت اهم شعبن ۾ تربيتي ڪورسز کي جار?? ڪيو ويندو. گهرو وزير نيشنل پولي?? اڪيڊمي ۾ ماڊل ٿاڻو ۽ تربيتي ليبارٽريون قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪ??ي ته جيئن آفيسرن کي عملي تربيت فراهم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ نيشنل پولي?? اڪيڊمي جي سربراهه ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪ??ي ۽ اداري کي جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون. وفاقي وزير چيو ته نيشنل پولي?? اڪيڊمي کي هڪ عالمي معيار جو ادارو بڻائڻ ضروري آهي ته جيئن ٻين ملڪن جا آفيسر به هتي تربيت لاءِ اچي سگهن.
وفاقي گهرو وزير پاران نيشنل پوليس اڪيڊمي جو دؤرو، اپ گريڊيشن جو اعلان
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری