اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پناهگاهن ۽ لنگر خان?? جو مذاق اڏائيندڙن کي غريبن جي ڏک ۽ درد جو احساس نه آهي، غريبن جي درد جي احساس جي دعويٰ ڪندڙ پرڏيهي ملڪ پنهنجي محلاتن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ عياشيون ڪندي ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، اڄ کان پهرين ڪنهن حڪ??مت فوٽ پاٿن ۽ پارڪن تي سمهندڙ?? جو احساس ناهي ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اها حڪ??مت انهن جي ڏکن تي مرهم رکي رهي آهي، هن ملڪ جي عوام کي ماضي جي حڪ??رانن بدعنواني، مني لانڊرنگ ۽ غريب?? جو رت چوسي عوام کي ڏک ڏنا، وزيراعظم عمران خان بهترين طري??ي ۽ پرعزم انداز ۾ غريب عوام جي ڏک?? جو ازالو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي. مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست طرف اڳڀرائي جو اهو سفر جاري رهندو. اهڙن خيال?? جو اظهار هن آئي اليون پناهگاهه جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
پناهگاهن ۽ لنگر خانن جو مذاق اڏائيندڙن کي غريبن جو احساس نه آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل