اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان سان يو اين ڊي پي (يونائيٽيڊ نيشنز ڊولپمينٽ پروگرام) جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدا??حف??ظ شيخ، سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ٻيا سينئر آفيسر موجود هئا. وزير??عظ?? ميڊيا آفيس موجب يو اين ڊي پي جي پاڪستان ۾ موجود نمائنده ايليونه نيڪوليٽا وزير??عظ?? عمران خان جي هيومن ڊولپمينٽ ۾ خصوصي دلچسپي کي ساراهيندي چيو ته وزير??عظ?? جي ذ??تي دلچسپي جتي ملڪ ۾ انساني ترقي جي فروغ جو سبب آهي اتي يو اين ڊي پي جي مقصدن جي تڪميل ۾ به مددگار ثابت ٿي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت طرفان سسٽين ايبل ڊولپمينٽ گولز (پائيدار ترقي جا مقصد) کي اختيار ڪرڻ، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عملي ۽ وسيلن جي فراهمي نهايت قابل تحسين آهي، هن يو اين ڊي پي کي حڪومت طرفان فراهم ڪيل سپورٽ تي وزير??عظ?? جو ٿورو ادا ڪيو، يو اين ڊي پي جي وفد ڪووڊ دوران حڪومت پاڪستان جي حڪمت عملي خاص طور تي معاشي عمل جي رواني ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي مالي مدد جهڙن قدمن کي ساراهيو.
وزيراعظم عمران خان سان يو اين ڊي پي جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ