اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عمران خان جو سدائين کان موقف رهيو آهي ته سينيٽ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، اليڪٽورل ووٽ جي امين ماڻهن کي عوام جو ووٽ غلط استعمال نه ڪرڻ گهرجي، اسان ڪيئن هڪ قانون کي گهربل ??خص کي پاسپورٽ ڏئي مدد ڪري سگهون ٿا، ائين نه ٿو ٿي سگهي اسان سهولتڪار بڻجون ۽ نواز شريف ڪٿي ٻئي هنڌ هليو وڃ??. ه?? صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينيٽ چونڊن بابت ميڊيا حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئ??. ه?? چيو ته ماضي جي حڪومتن سياست ۾ پئسي جي ڪلچر کي عام ڪيو، اسان جو واضح موقف آهي ته پئسي جي سياست ختم ڪري اهليت ۽ مي??ٽ کي فروغ ڏنو وڃ??. ه?? چيو ته سينيٽ چونڊن جي لاءِ اميدوارن جي حتمي فهرست اڄ شام تائين مڪمل ٿي ويندي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته مريم نواز مڃي ورتو ته پي ڊي ايم جو مستقبل ??ونداهي ۾ آهي، مريم نواز ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آه??. ه?? چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي انهن کي اهڙيون بيماريون ڇو ٿيون لڳن جن جو پاڪستان ۾ علاج ممڪن نه آه??. ه?? چيو ته مريم نواز اهڙي قسم جي بيانن سان ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي راهه هموار ڪري رهي آهي، حڪومت پاران مريم نواز کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت قطعي طور نه ڏني ويندي.
عمران خان جو سدائين کان موقف رهيو آهي ته سينيٽ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔