اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ??لڪ سميت ٻاهرين ??لڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ??لڪ جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ڇنڇر ڏينهن 14 آگسٽ 2021ع تي ملي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ايوان صدر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب کانسواءِ سرڪاري ۽ نجي سطح تي تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ زندگي جي مختلف شعب?? سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاڪستا?? سان والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو ۽ آزادي جي تحريڪ جي عظيم هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪيو،
ڏينهن جو آغاز مسجدن ۽ گهرن ۾ ??لڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائن ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ٿيو. مزار قائد ۽ مزار اقبال تي گارڊن جي تبديلي جون پروقار تقريبون به منعقد ٿيون، مرڪزي تقريب کان اڳ سائرن وڄايا ويا ۽ هر قسم جي ٽريفڪ روڪجي وئي، اهم سرڪاري ۽ نجي عمارتن کي بجلي جي بلب?? سان سجايو ويو ۽ هر طرف ساون جهنڊن جي بهار ڏسڻ ۾ آئي ۽ فضا ملي نغمن جي ڌن?? سان گونجڻ لڳي.
ڇنڇر ڏينهن پوري قوم ??لڪ اندر ۽ ٻاهر آزادي جو ڏهاڙو ان عزم کي ورجائڻ سان ملهايو ته ??لڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ اسلامي فلاحي ??لڪ بڻائڻ لاءِ تحريڪ پاڪستان جي جذبي کان ڪم ورتو ويندو. ڏينهن جو آغاز وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ٿيو. ان موقعي تي پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون ويون، سمورين سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جهنڊو ڦڙڪائڻ جون اهڙيون ئي تقريبون سڄي ??لڪ ۾ صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي به منعقد ڪيون ويون.
سرڪاري ۽ نجي عمارتن ۽ رستن، بازارن ۽ مارڪيٽن کي شاندار انداز ۾ سجايو ويو، آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي جهنڊا، جهنڊيون پاڪستان جي با??ين ۽ تحريڪ پاڪستان جي هيروز جون تصويرن ۽ بينر هر هنڌ ??ڳايون ويون. پاڪستان ٽيلي ويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ٻين ميڊيا جي ذريعن پاران ان ڏينهن جي موقعي تي ڊگهي وقت واري نشريات نشر/ٽيلي ڪاسٽ ڪيون ويون ۽ اخبارن ۾ خصوصي ايڊيشن شايع ٿيا جڏهن ته سوشل ميڊيا به آزادي جي ڏهاڙي جي پيغامن جي حوالي سان خصوصي بينرز سان متحرڪ رهيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب کي خطاب دوران چيو ته الله تعاليٰ اسان جي قوم کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيهڻ جي صلاحيت سان نوازيو آهي، ڪوڙين خبرن کان بچي ??لڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، الله تعاليٰ جو لک ٿورو آهي جنهن هند جي مسلمانن کي مشڪلاتن مان ڪڍيو ۽ هڪ قوم جي طور تي آزاد ??لڪ ۾ جيئڻ جو حق ڏنو.