اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته عالمي برادري کي افغان عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيهڻ ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ معاشي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ترغيب پيدا ڪرڻي پوندي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آيل اٽلي جي پرڏيهي وزير ليوگي ڊي ماريو سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي تڪرار ۽ عدم استحڪام جي ڪري پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي. هن چيو ته هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان سان گڏوگڏ علائقائي ملڪن جي پڻ بهترين مفاد ۾ آهي. ملاقات دو??ان افغانستان جي تازي صورتحال ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته هن نازڪ موڙ تي افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال، امن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ پناهگيرن جي ڪنهن وڏي پئماني تي هجرت کي روڪڻ جي لاءِ قدم ان??هائي لازمي آهن. ان ڏس ۾ ان??اني بح??ان کي روڪڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ان??هائي اهم ترجيحون آهن. ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم عم??ان خان چيو ته اٽلي پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم حصيدار آهي. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ عوا??ي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏن??. وزيراعظم ان ڳالهه کي به اجاگر ڪيو ته اٽلي ۾ وڏي انگ ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير ليوگي دي ماريو افغانستان مان ان??لا جي ڪاررواين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ اٽلي جي عزم کي ورجايو. اٽلي جي پرڏيهي وزير وزيراعظم کي اٽلي جي دوري جي دعوت ڏن??. وزيراعظم ان موقعي تي اٽلي جي وزيراعظم ماريو ڊراگي کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏن??.
عالمي برادري کي افغان عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيهڻ ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو